ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم

ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم

ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم

ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم

ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم

ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم: نقاشي به فنونِ لطيف جي هڪ اهم شاخ آهي، جنهن ۾ مجموعي طور تي چٽسالي، گلڪاري، مينا ڪاري، ڪاشيگري، مصوري ۽ خطاطيءَ جهڙا ناياب فن ٺهڪي بيهن ٿا. نقاشيءَ جا گهڻائي شاهه ڪاريگر سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن، انهن ۾ ميرزا امام علي بيگ به هڪ بهترين نقاش هو. ميرزا صاحب چمڙي، ڪپڙي، ڪاغذ، ٺڪر ۽ ڪاٺ تي نهايت عمدي نقاشي ڪندو هو، پر سنڌ ۾ فقط هن کي اهو اعزاز حاصل آهي، جو هن ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم ڪيو هو.
ڊاڪٽر علي احمد قاضي لکي ٿو ته ”ميرزا قربان علي بيگ (فن خطاطيءَ جو ماهر) ۽ سندس ڀاءُ ميرزا امام علي بيگ اهڙا ته هنرمند هئا، جن جي فن کي دستڪاريءَ جا شاهڪار چوڻ وڌاءُ نه ٿيندو. هڪ دفعي جڏهن آءٌ ٽنڊو آغا جي پڙ ”علي آباد“ ويس، تڏهن مون ڏٺو ته ميرزا امام علي بيگ تعزيه جي نقش و نگار لاءِ ابرق تي نفيس قسم جا گل ۽ چرند پرند چٽي رهيو هو. سندس قلم ۾ ڏاڍا جواهر ڀريل هئا، ڪٿي هيرا ته ڪٿي موتي، ڪٿي فيروزا ته ڪٿي نيلم ۽ لعل. سندس هنر ڏسي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. هي اهو فن پيشه ور طور نه بلڪه شوقيه ڪندا هئا“.
اها حقيقت آهي ته فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جي ٺهرايل پهرين ڪاٺ جي تعزيي (جيڪو ٽنڊي آغا جي پڙ، امام بارگاهه علي آباد ۾ موجود آهي) تي سونهن خاطر ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم ڪري تعزيي تي هڻندو ويو. هن ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم تمام گهڻي محنت سان ڪري تعزيي جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪيو. ان ۾ ڪو به واڌ نه آهي ته ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم سنڌ ۾ صرف ميرزا امام علي بيگ ڪيو. هن ڪم ۾ ميرزا صاحب سان ٻانهن ٻيلي وانگر ڪم سندس ننڍو ڀاءُ ميرزا غلام رضا بيگ ڪندو هو، پر ميرزا امام علي بيگ جي وفات کانپوءِ ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم سندس فرزند ميرزا عباس علي بيگ ڪيو، پر ان جي وفات کان پوءِ اهو فن ميرزا خاندان ۾ هاڻي ناهي رهيو. مصوري به کيس قدرت جي طرفان عنايت ڪيل هئي. مصوري، نقاشي ۽ خطاطيءَ جا شاهڪار نمونا سندس اولاد وٽ محفوظ آهن.


لفظ ابرق تي نقاشيءَ جو ڪمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو